عبدالحق عظيم

عبدالحق عظيم

عبدالحق عظيم

عبدالحق ‘عظيم’: ناليواري اديب، شاعر، ايڊيٽر ۽ ٽيليويزن جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم، 24 نومبر 1935ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ عالم ۽ استاد محمد يعقوب ‘نياز’ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ گريجوئيشن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ڪري عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ 1994ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات مختلف اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي، جن ۾ روزاني ڪاروان، هلال پاڪستان (حيدرآباد) شامل آهن. ان سان گڏ سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ پروف ريڊر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پرنٽنگ پريس ۾ اسسٽنٽ مئنيجر پڻ رهيو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه وقت ماهوار رسالي ‘مارئي’ ۽ ماهوار ‘ٻيجل’ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. 1967ع ڌاري پاڻ ‘بادل’ رسالي سان سلهاڙجي ويو. جنهن جو ايڊيٽر عمرالدين بيدار هو، جيڪو اهو رسالو ڪجهه وقت کانپوءِ عبدالحق عظيم جي ايڊيٽرشپ ۾ ڏئي پاڻ ڪراچيءَ هليو ويو. اهو رسالو ڪيئي سال ڪاميابيءَ سان ڪڍيائين. عبدالحق عظيم جون ڪهاڻيون، نظم، مضمون، خاڪا ۽ ڪالم مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سماهي مهراڻ ۾ سندس لکيل ٻه ڪهاڻيون ‘بابلي’ ۽ ‘جنڙي’ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. ان کان سواءِ سندس لکيل شيخ اياز، مقبول ڀٽيءَ، استاد نياز حسين ۽ استاد فيروز گل جي باري ۾ خاڪا پڻ اهم آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ‘گل ڦل’ ۾ لکيل سندس ليک ‘ٻارن جون رانديون ’ سورنهن قسطن ۾ ڇپيو، جنهن کي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪيو ويو. روزانين اخبارن‘هلال پاڪستان’ ڪراچيءَ ۾ ‘جاڳو’ ۾ سندس مستقل ڪالم ‘تکيون مٺيون ڳالهيون’ پڻ ڪجهه سال ڇپيو. عبدالحق ‘عظيم’ شاهه لطيف بابت عالمن جا لکيل مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن کي شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ‘شاهه لطيف ايڪ مفڪر شاعر’ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس لکيل هڪ ‘ادب لطيف’ جي سري هيٺ مستقل ڪالم ‘ماهروءَ جا خطبادل رسالي ۾ ڇپجندو هو، جنهن کي پاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙيو اٿس ۽ جلد ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو. هلال پاڪستان اخبار ۾ لکيل سندس مضمونن جي هڪ سيريز ‘سائنسي معلومات’ جي عنوان سان پڻ هلي. جنهن جون پنج قسطون ڇپيون. سندس لکيل هڪ نظم ‘هرڪو ٻار آ يار اسانجو’ چوٿين ڪلاس جي درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ۾ ٽن ڏهاڪن کان شامل آهي ۽ ٻيا ڪيترا نظم ڇپيل آهن. پاڪستان ٽيليويزن جي پروڊيوسر جي حيثيت ۾ سندس مقبول سنڌي پروگرام هئا: ‘حال احوال’، ‘واءُ سواءُ’، ‘کيتي سر سيتي’، ‘سنڌ سينگار’، ‘مهراڻ رنگ’ (جن ۾ مهدي حسن کان سنڌي ڪلام ڳارايائين)، مزاحيه پروگرام ‘رس چس’، ٻارن لاءِ پروگرام ‘روشن تارا’ شامل آهن. اردو پروگرامن ۾ ‘طب ڪي باتين’، انسائيڪلوپيڊيا’، ‘لوڪ پاڪستان’ وغيره به پروڊيوس ڪيائين. ڪرنٽ افيئرس جي پروگرام ۾ وقت جي وڏي وزير کي گهرائي ان کان انٽرويو ڪرڻ جو رواج به عبدالحق عظيم وڌو. ان حوالي سان هن ڄام صادق علي، سيد غوث علي شاهه ۽ سيد عبدالله شاهه جا انٽرويو رڪارڊ ڪري نشر ڪيا. سنڌ جي شهرن جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ جي مقصد سان هن هڪ خاص پروگرام جوڙيو، جنهن جو عنوان هو ‘سنڌ جا شهر- تاريخ جي نظر سان’. انهن شهرن ۾ هن ٺٽي، سيوهڻ، شڪارپور، سکر، هالا، عمرڪوٽ ۽ موهن جي دڙي بابت پروگرام تيار ڪري پيش ڪيا. لوڪ ادب جي سلسلي جي پروگرامن ۾ ‘ڪچهري’ (سيد صالح محمد شاهه ۽ لوڪ فنڪارن ۽ سگهڙن جو پروگرام) جنهن ۾ نڙ بيت، ڳجهارتون، ٽوٽڪا، چرچا (محمد مسخري سان هڪ پروگرام) نشر ڪيا ويا. ملهن سان ڳالهيون (شير مير بحر سان رهاڻ)، ملاکڙن جو احوال ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي لوڪ ثقافت جا انگ پيش ڪيائين. عبدالحق عظيم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صدارت ۾ هڪ بهترين مشاعرو پڻ ٽيليويزن تان نشر ڪيو ويو. پاڻ 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالحق عظيم نوجوانيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جنهن ڏينهن ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ٿيو هو، ان ڏينهن حيدرآباد ۾ اديبن احتجاج ڪيو هو ۽ ڀتين تي ون يونٽ مخالف پوسٽر هنيا هئا. ان موقعي تي هن کي مقبول ڀٽيءَ ۽ تنوير عباسيءَ سان گڏ گرفتار ڪري مارڪيٽ ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو هو. 4 مارچ واري واقعي ۾ لالا قادر، اقبال ترين، يوسف لغاريءَ ۽ يوسف ٽالپر سان گڏ احتجاجي ريليءَ مان پڻ گرفتار ٿيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ پڻ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو. عبدالحق عظيم جي شادي 1978ع ۾ ياسمين ميمڻ سان ٿي، جنهن تازو سنڌ انفرميشن ڊپارٽمينٽ مان ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو آهي. سندس اولاد ۾ ٻه پٽ شڪيل ۽ عديل، ۽ هڪ ڌيءَ صدف شامل آهن، جيڪي ٽئي ايم. بي. اي ڪري سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن .نوٽ : عبدالحق عظيم 23 سيپٽمبر 2020ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالحق عظيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.11.24  عيسوي

عبدالحق عظيم، 24 نومبر 1935ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ عالم ۽ استاد محمد يعقوب ‘نياز’ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2020.09.23  عيسوي

عبدالحق عظيم 23 سيپٽمبر 2020ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
رياضت ٻرڙو
زائر نظام
رسول بخش درس
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
ڪشنچند جيٽلي
رزاق سروهي
تولا رام ٻالاڻي
نصير سومرو 2
آفتاب ابڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون